اسلام آ??اد – 05 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس ٻي??ر وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪ??اد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم مبارڪ??اد ۽ ??يڪ خواهشن تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم شهباز شريف 2022ع ۾ تاجڪ صدر جي پاڪستان جي گذريل دوري کي ياد ڪندي تاجڪستان جي دوري جي دعوت ڏيڻ تي تاجڪ صدر جا ٿورا مڃيا. ٻنهي ا??وا??ن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده سياسي، واپاري، اقتصادي، ثقافتي ۽ دفاعي تعاون کي وڌائڻ جي خواهش جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ويجهو رابطو رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو. تاجڪ صدر اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جي لاءِ ??يڪ خواهشن جو اظهار پڻ ڪيو جنهن تي وزيراعظم ٿورا مڃيا.
مضمون کا ماخذ : گولڈ رش