اسلام آباد – 23 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار برطانيا ج?? نئين ??ون??يل پرڏيهي معاملن، دولت مشترڪه ۽ ترقياتي معاملن واري و??ير ڊيوڊ ليمي سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. نائب وزيراعظم سينيٽر اسحاق ڊار ڊيوڊ ليمي کي برطانوي پرڏيهي و??ير طور مقرري تي مبارڪباد ڏني. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته برطانيا ۾ نئين حڪومت پاڪستان ۽ برطانيا ج?? لاڳاپن ۾ مثبت رفتار کي جاري رکندي. ٻنه?? وزيرن پاڪستان ۽ برطانيا ج?? وچ ۾ خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ برطانوي پاڪستانين جي مثبت ڪردار کي ساراهيو. نائب وزيراعظم دولت مشترڪه جي ڏس سميت برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي پاڪستان جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي و??ير سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ، نوجوانن جي لاءِ موقعا پيدا ڪرڻ ۽ واپار ۽ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرڏيهي و??ير ڊيوڊ ليمي سان گڏ ڪم ڪرڻ جا منتظر آهيون. برطانيا ج?? پرڏيهي و??ير پنهنجي مدي دوران پاڪستان جي لاءِ برطانيا ج?? حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ٻنه?? وزيرن ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ ۽ آڪٽوبر ۾ دولت مشترڪه جي حڪومتي سربراهن جي اجلاس لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي برطانيا جي نئين چونڊيل پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی