اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) قانون، انصاف ۽ پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير سينيٽر اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته اسان جي عدالتي نظام ۾ سڌارن جي ??خت ضرورت آهي، ماڻهن کي ڪيترن ئي سالن تائين انصاف نٿو ملي، سستي انصاف جي ??ستي ۾ ايندڙ رڪاوٽون ختم ڪرڻيون آهن، انهن سڌارن لاءِ هن ايوان جون ڪجهه ذميواريون آهن، عدالتن ۾ موڪلن جو قانون انگريز جي ??ؤر کان هلندو پيو وڃي، جڏهن بحري جهازن ذريعي هو ڊيوٽين تي ايندا هئا ۽ کين پنهنجن ٻارن سان ملڻ لاءِ 8 هفتن جون موڪلون ڏنيون وينديون هيون، حڪومت جڏهن قانون آڻيندي ته علي الاعلان سان آڻيندي. ڪالهه قومي اسيمبليءَ ۾ دانيال چوڌري عدالت سڳوريءَ ۾ ججن جو انگ (ترميمي) بل 2024ع پيش ڪرڻ جي ??جازت گُهري. هن ٻُڌايو ته ه?? بل جڏهن آيو تڏهن آبادي 16 ڪروڙ هئي، هاڻ 25 ڪروڙ آهي. سپريم ڪورٽ ۾ 34 هزار ڪيس التوا هيٺ آهن. عدالت تي ڪيسن جو بار آهي. گوهر علي خان چيو ته قاعدن تحت ان تي نجي ??ل نٿو آڻي سگهجي، ججن جي ??نگ کي وڌائڻ حڪومت جو اختيار آهي ۽ اهو حڪومت?? بل ذريعي ممڪن آهي. قانون واري وفاقي وزير چيو ته ججن جي ??نگن جي ??والي سان بحث ٿيڻ گهرجي. ان تي سينيٽ ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان جي ??بادي 25 ڪروڙ ۽ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 17 آهي. برطانيه ۾ 6.5 ڪروڙ آبادي تي 12 ججن آهن، ججن جي ??سپيشلائزيشن به اهم آهي. سينيٽ ۾ اهڙو بل ڪميٽيءَ کي ڏنو آهي، صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي طرفان ضم ٿيل ضلعن کا??پو??ِ ججن جو انگ وڌائڻ جي ??جويز آئي هئي، جنهن تي اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، 10 ججن جو اضافو ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته فوجداري پروسيجر ۽ قانون شهادت ۾ سڌارن لاءِ 5 مهينن کان ڪم هلي رهيو آهي. هن چيو ته هر شيءِ کي تعصب سان نه ڏسڻ گهرجي.
عدالتي نظام ۾ سڌارن جي سخت ضرورت آهي: قانون وارو وفاقي وزير
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت