اسلام آباد – 11 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيرا??ظم محمد شهباز شريف اڳوڻي خاتون اول ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي گهرواريءَ بيگم ڪلثوم نواز جي ڇهين ورسيءَ تي کيس خراج عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم چيو ت?? ڀيڻ ڪلثوم نواز جي لاڏاڻي جو ڏک اسان جو پورو خاندان نه ڪڏهن وسريو آهي ۽ نه ئي ڪڏهن وساري سگهي ٿو. مادر جمهوريت ڪلثوم نواز جي ملڪ ۽ قوم ۽ جمهوريت جي لاءِ خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. ڪلثوم نواز بطور گهرواريءَ، ماءُ، ڀيڻ ۽ سياسي قائد، جرئت ۽ بهادري ۽ صبر ۽ استقامت جي نه وسارڻ جوڳي تاريخ لکي. وزيرا??ظم چيو ته پ??ڪستان مسلم ليگ (ن) جي صدر محمد نواز شريف جي لاءِ هو هڪ فولادي ڍال هئي. آمريت جي خلاف سان قابل فخر ۽ يادگار تحريڪ سياسي تاريخ جو روشن باب آهي. اسلام، قرآن ۽ نبي اڪرم ﷺسان عقيدت ۽ محبت ڪلثوم نواز صاحبه جو سڄي زندگي جو معمول رهيو. هو اوڀرندي جي روايتن ۽ قدرن جو پيڪر هئي، وڏن جو احترام، ننڍن سان شفقت ۽ سدائين دانائيءَ جي ڳالهه ڪرڻ سندس شخصيت جو حصو هو. وزيرا??ظم دعا ڪئي ته ال??ه تعاليٰ سندس درجا بلند فرمائي.
وزيراعظم پاران بيگم ڪلثوم نواز کي خراج عقيدت پيش
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável