اسلام آباد -22 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 23 کان 27 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اعليٰ سطحي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان طرفان جاري پ??را??ي مطابق وزيراعظم 27 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ۾ عالمي امن، سلامتي ۽ خوشحالي کي هٿي وٺرائ?? لاءِ گڏيل قومن جي گهڻ رخي ڪردار جي حمايت ۽ پاڪستان جي مستحڪم عزم جو ورجاءُ ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا ۾ شامل فلسطين مسئلي ۽ ڄمون ڪشمير تڪرار سميت پراڻن مسئلن کي حل ڪرڻ جي اهميت تي به زور ڀريندو. وزيراعظم عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ اڻ برابري کي ختم ڪرڻ ۽ عالمي مالياتي ڍانچي ۾ سڌارن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ سا?? گڏوگڏ عالمي برادري تي زور ڀريندو ته هو موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۽ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ لهر جو مقابلو ڪر?? لاءِ فيصلائتا قدم کڻي. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجلاسن ۾ به شرڪت ڪندو، جن ۾ ”سمنڊ جي سطح ۾ اضافي سا?? درپيش خطرن تي اعليٰ سطحي گڏجاڻيون“ ۽ ”??من لاءِ قيادت“ تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي کلي بحث شامل آ??ي. وزيراعظم جٽادار ترقي جي ايجنڊا کي اڳيان وڌائ?? لاءِ عالمي سطح تي گهربل قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪر?? لاءِ عالمي اڳواڻن جي هڪ گروپ سا?? ڳالهيون ڪندو. وزيراعظم جي پروگرام ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ جنرل اسيمبلي جي صدر سميت ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن سا?? ٻه طرفيون ملاقاتون به شامل آ??ن. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جو اعليٰ سطحي اجلاس پاڪستان لاءِ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي اهم مسئلن تي پنهنجي نقطئه نظر کي اجاگر ڪر?? لاءِ هڪ اهم پليٽ فارم پيش ڪري ٿو. وزيراعظم پاڪستان جي ترجيحن کي اجاگر ڪندو ته جيئن عوام کي ملڪي ۽ عالمي ترقي جي ايجنڊا جي مرڪزي هنڌ تي رکيو وڃي. وزيراعظم محمد شهباز شريف 26-2025ع لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي آئينده جي ميمبر طور، گڏيل قومن جي چارٽر کي برقرار رکڻ، تڪرارن جي روڪٿام، ??من ۽ عالمي خوشحالي کي هٿي وٺرائ?? لاءِ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن سا?? گڏجي ڪم ڪر?? لاءِ پاڪستان جي عزم جو اظهار به ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 79هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ