اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي ??ورنر جميل احمد چيو آهي ته ٽيڪنالاجي ۾ تيز رفتار تبديلي سان نه رڳو بئنڪن کي ??ئين طريقي سان مالي سهولتون صارفين کي ??راهم ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي پر ضابطه ساز ادارا به جديد ترين ڊيٽا گڏ ۽ پراسيس ڪري موثر طريقيڪار سان تعميل کي ??قيني بڻائڻ جي قابل ٿيا آهن. اهڙو اظهار هن 13 هين بئنڪ آف دي فيوچر فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن جو موضوع بئنڪاري ج?? مستقبل هو. هن بئنڪاري شعبي ۾ نواڻ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي ??ٿي ڏيڻ جي اسٽيٽ بئنڪ جي ع??م کي اجاگر ڪيو، جنهن سان پاڪستان ۾ متحرڪ مالي شعبي لاءِ راهه هموار ٿيندي. اسٽيٽ بئنڪ جي ??ورنر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي ??جيٽل تبديلي ج?? شروعات 2002ع ۾ ٿي جڏهن ان Temenos بئنڪنگ سسٽم ۽ نان بئنڪنگ ڏي وٺ لاءِ اي آر پي سسٽم لاڳو ڪيو، جڏهن ته ڊيٽا بابت ضرورتن کي ??ورو ڪرڻ لاءِ ڊيٽا ويئر هائوس بڻايو، اسٽيٽ بئنڪ 2008ع ۾ ريئل ٽائيم گراس سيٽلمنٽ سسٽم جنهن کي ??رزم چيو ويندو آهي لاڳو ڪيو جيڪو وڏي پئماني تي وڏي ماليت جي اداراجاتي ادائيگين کي ??راسس ڪري ٿو. تازو ئي اسٽيٽ بئنڪ پنهنجو جديد ترين Tier-3 ڊيٽا سينٽر بڻايو آهي ج??ڪو پاڪستان ۾ پنهنجي نوعيت جو پهريون سينٽر آهي. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ اسٽيٽ آف دي آرٽ آءِ ايس او 2022ع ادائيگي جا معيار لاڳو ڪري ع??لمي رجحانن موجب پنهنجي ادائيگي ج?? صنعت کي ??ڪدم تبديل ڪرڻ تي ڪم شروع ڪيو، فوري ادائيگي ج?? اسان جو ملڪي نظام راست 2021ع ۾ شروع ڪيو ويو جيڪو آءِ ايس او 2022ع معيارن تي ٻڌل آهي.گورنر ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ راست کي ع??ب مانيٽري فنڊ جي فوري ادائيگي ج?? سسٽم بونا سان جامع ڪرڻ تي به ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن عرب ملڪن ۾ رهندڙ لکين پاڪستانين کي آساني ۽ سهولت سان پنهنجي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان موڪلڻ ۾ مدد ڏني وڃي. گورنر حاضرين کي ??ڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ جي ??وششن جي نتيجي ۾ اڄ پاڪستان ۾ 59 ملين برانچ ليس بئنڪاري والٽ، 19 ملين موبائيل بئنڪنگ ايپس، وڌيڪ 3.7 ملين اي – مني والٽ ۽ انٽرنيٽ بئنڪنگ استعمال ڪندڙ 112 ملين صارفين ڊجيٽل طريقي سان سان پراسيس ٿيل خرده ٽرانزيڪشن جي مجموعي تعداد 2020ع کان هن وقت تائين 30 سيڪڙو وڌي چڪي آهي ۽ مجموعي ٽرانزيڪشن ۾ ڊجيٽل ادائيگين جو جيڪو تناسب مالي سال 23 ۾ 76 سيڪڙو هو جيڪومالي سال 24 ۾ وڌي 84 سيڪڙو ٿي چڪو آهي، موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ بئنڪاري ذريعي پراسيس ٿيل ٽرانزيڪشن جو ساليانو انگ ترتيبوار 70 سيڪڙو ۽ 30 سيڪڙو جي شرح کان وڌي رهي آهي. اها ڳالهه حيرت انگيز ناهي ڇاڪاڻ ته اسان جي آبادي ۾ اڪثريت نوجوانن جي آهي ج??ڪي موبائيل ايپ استعمال ڪرڻ ۾ ماهر آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هڪ متحرڪ فن ٽيڪ سيڪٽر جي آمد حوصلي واري آهي. هي فن ٽيڪ ڪمپنيون نئين مارڪيٽن ۽ يوز ڪيسز جي ??ولا لاءِ سخت محنت ڪري رهيون آهن. هن آءِ ٽي سيڪٽر کي ترغيب ڏياري ته هو تبديلي ج?? ان عمل ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.
ڊجيٽلائيزيشن سان مالي خدمتن ۽ اقتصادي ترقي کي هٿي ملندي: گورنر اسٽيٽ بئنڪ
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ