اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ڪالهه جمعي ڏينهن ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ م??اه??ت جي 4 يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون. وز??را??ظم هائوس ۾ م??اه??تي يادداشتن تي صحيحن جي لاءِ پروقار تقريب ٿي. وز??را??ظم محمد شهباز شريف ايم ??و يوز تي صحيحن واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي وز??را??ظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، دفاع ۽ هوابازي وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ، وز??را??ظم جو خاص معاون طارق فاطمي جڏهن ته گڏيل عرب امارات جو پرڏيهي ۽ واپار وارو مملڪتي وزير ڊاڪٽر ثاني بن احمد الزويدي، ڪاهلي گروپ جو چيئرمين احمد دلموڪ المڪتوم، مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي، پاڪستان ۾ گڏيل عرب امارات جو سفير عبيد ابراهيم ??الم الزابي ۽ ابوظهبي پورٽس جا سينيئر عملدار پڻ موجود هئا. ڪوهاٽ – ٿر – کرلاچي ريلوي لائين جي تعمير جي لاءِ پاڪستان ريلويز ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ م??اه??تي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون جنهن تي پاڪستان پاران پاڪستان ريلويز جي سي اي او عامر علي بلوچ جڏهن ته مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ گروپ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ابوظهبي پورٽس گروپ ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ڪسٽمز جي اوڳاڙين ۾ اضافي، ٽرانزٽ ڪا??گو جي ٽريڪنگ ۽ ٻين سڌارن جي لاءِ ايف بي آر ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ م??اه??تي يادداشت تي پاڪستان پاران ميمبر ڪسٽمز اينڊ آپريشنز محمد جنيد جليل خان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس گروپ پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. شپنگ، ڊريجنگ ۽ ٻين سامونڊي معاملن ۾ تعاون تي پاڪستان نيشنل شپنگ ڪا??پوريشن ڪراچي پورٽ ٽرسٽ ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ م??اه??تي يادداشت تي پاڪستان پاران ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پاڪستان نيشنل شپنگ ڪا??پوريشن خرم مرزا جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. پاڪستان ۾ ايئرپورٽس جي تعمير ۽ توسيع جي لاءِ پاڪستان ايئرپورٽس اٿارٽي ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ م??اه??تي يادداشت پاڪستان پاران ڊپٽي ڊائريڪٽر جنرل پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي صادق الرحمان جڏهن ته ابوظهبي پورٽس ڪمپني پاران ڪيپٽن محمد الشميسي صحيحون ڪيون. بعد ۾ پاڪستان ۽ ابوظهبي ڪمپني جي وچ ۾ طئي ٿيندڙ م??اه??ت جي يادداشتن جي ڏي وٺ پڻ ڪئي وئي.
پاڪستان ۽ ابوظهبي پورٽس ڪمپني جي وچ ۾ ريلوي، ڪسٽمز، ايئرپورٽ انفراسٽرڪچر ۽ سامونڊي معاملا شپنگ سميت مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جي لاءِ مفاهمت جي 4 يادداشتن تي صحيحون
مضمون کا ماخذ : سمندری ڈاکو گولڈ