??سل??م آباد-19 ڊسمبر (اي پي پي) سرڪاري اسڪيم تحت حج 2025ع جي درخواستگذارن کان رهتن جي ??ي قسط جي وصولي جو عمل خميس کان شروع ٿي ويو آهي. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان موجب مذهبي معاملن واري وزارت جي ع??لدارن حج پانڌيئڙن کي هدايت ڪئي ته هو حج رهتن جي ??ي قسط نامزد بئنڪن ۾ 19 کان 27 ڊسمبر تائين جمع ڪرائين. حج رهتن جي ??ي قسط 4 لک روپيا آهي جڏهن ته اختياري سهولتن جا اضافي خرچ به ??ي قسط سان گڏ جمع ڪرائڻا پوندا. ان مرحلي تي بئنڪ کان پيڪيج تبديل ڪرائي سگهجي ٿو. 4 کان 6 ماڻهو فيملي روم، شيئرنگ روم يا سنگل ماڻهن لاءِ اختياري ڊبل بيڊ (في حاجي) 2 لک 59 هزار روپيا، اختياري ٽرپل بيڊ في حاجي 86 هزار 500 ۽ قرباني جا 55 هزار 500 ??وپيا جمع ڪرائڻا پوندا. ترجمان چيو ته ڪامياب حج پانڌيئڙا رهتن جي ??ي قسط 27 ڊسمبر تائين لازمي جمع ڪرائين.
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان