بيجنگ-18 ڊسمبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته چيني صدر شي جنگ پنگ جو نمائندو ۽ نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽيڊنگ ڪميٽي جو نائب چيئرمين شهرت ذاڪر سومر ڏينهن ڪويت جي مرحوم امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو. چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان طرفان جاري بيان مطابق صدر شي جن پنگ ڪويت جي نئين امير شيخ مشعل الاحمد الجابر الصباح کي امير شيخ نواف الاحمد الجابر الصباح جي وفات تي ??عز??ت جو پيغام موڪليو آهي، جڏهن ته سندس خاص نمائندو آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو. هن جو چوڻ هو ته صدر شي جن پنگ پنهنجي حڪومت ۽ عوام طرفان ڪويت جي مرحوم امير جي وفات تي ??عز??ت ۽ مرحوم جي وارثن ۽ ڪويتي عوام سان دلي همدرديءَ جو اظهار ڪي?? آهي. هن جو چوڻ هو ته ڪويتي عوام جي قابل احترام امير نواف چين ڪويت لاڳاپن جي ترقيءَ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪي??. ٻئي پاسي چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ پڻ ڪويتي هم منصب شيخ احمد نواف الاحمد الصباح جي نالي پنهنجو ??عز??تي پيغام موڪليو آهي جنهن ۾ حڪومت سان ??عز??ت ۽ـ مرحوم امير جي پونئيرن سان همدرديءَ جو اظهار ڪي?? آهي.
چيني صدر شي جنگ پنگ جو نمائندي شهرت ذاڪر ڪويت جي امير جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر