گڏيل قومون-01 مئي (اي پي پي)گڏيل قومن جي سربراهه انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آيه ته رفح تي اسرائيلي حملي سان موجوده ڇِڪتاڻ ۽ تباهيءَ ۾ ناقابل برداشت اضافو ٿيندو جيڪي نه رڳو فلسطينين ل??ءِ تباهه ڪُن ثابت ٿيندا پر اهي غزه ?? ٻين علائقن تائين به پکڙجي سگهن ٿا. الجزيره مطابق هن چيو ته واضح طور تي نظر اچي رهيو آهي ته رفح ۾ ارائيلي فوج جو امڪاني ??ميني ??پريشن هڪ اهڙي الميي کان گهٽ نه هوندو جيڪو لفظن کان ٻاهر آهي، اهو غزاه ۾ موجوده فلسطينين تي تباهه ڪُن اثر ڇڏيندو جنهن جا والاريل اولهندي ڪناري ۽ وچ اوڀر جي وسيع تر خطي تي سنگين اثر پوندا. ان ڪارروائيءَ سان وڌيڪ هزارين فلسطيني ??هري اجل جو شڪار ۽ لکين لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويندا. انتونيو گوتيرش چيو ته سلامتي ڪائونسل جا سمورا ميمبر ۽ ڪيترائي ملڪ واضح طور تي رفح ۾ ان قسم جي امڪاني ??سرائيلي فوجي آپريشن جي مخالفت ڪئي آهي. هن چيو ته مان اسرائيل تي اثر رسوخ رکندڙ سمورن ملڪن کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي غزه ?? اسرائيلي فوجي آپريشن روڪرائڻ ل??ءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن. انتونيو گوتيرش اهو بيان بنجمن نيتن ياهو جي ان ڌمڪيءَ بعد جاري ڪيو آهي ته غزه ?? جنگبنديءَ جو معاهدو هجي يا نه هجي، اسرائيلي فوج غزه پٽيءَ جي ??اکڻي شهر رفح تي هر صورت ۾ زميني ??ملو ڪندي. هوڏانهن گڏيل قومن جي انساني معاملن بابت انڊر سيڪريٽري مارٽن گريفٿس چيو آهي ته رفح ۾ امڪاني ??سرائيلي حملي ۾ ايتري قدر تباهي ٿيندي جو ڪو انساني منصوبو ان جو مقابلو نه ڪري سگهندو.
رفح تي اسرائيلي حملي سان موجوده ڇِڪتاڻ ۽ تباهيءَ ۾ ناقابل برداشت اضافو ٿيندو: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : prêmios lotofácil