بيجنگ -24 جون (اي پي پي) چين چيو آهي، ته هو چين ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي منصوبن جي سخ??ي سان مخالفت ڪري ٿ?? ۽ لاڳاپيل قدمن ??و حق محفوظ رکي ٿ??. چائنا گلوبل ٽيليويزن نيٽ ورڪ مطابق چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان گذريل ڏينهن بيان ۾ چيو ته آمريڪي قدمن ??ان چين ۽ آمريڪي ڪاروباري ادارن وچ ۾ معمول جي اقتصادي ۽ واپاري سهڪار تي اثر پوندا ۽ عالمي اقتصادي ۽ واپاري نظام کي نقصان پهچندو. هن چيو ته آمريڪا کي مارڪيٽ اڪانومي جي قانونن ۽ منصفاڻي برابري جي اصولن جو احترام ڪرڻ گهرجي، اقتصادي ۽ واپاري مسئلن ??ي سياست ڪر?? ۽ ??ن کي هٿيار بڻائڻ بند ڪرڻ گهرجي، چين ۾ سيڙپڪاري تان پابنديون ختم ڪرڻ گهرجن ۽ چين ۽ آمريڪا وچ ۾ ڪاروباري سهڪار لاءِ هڪ نئون سازگار ماحول پيدا ڪرڻ گهرجي. چين جي واپار واري وزارت جي ترجمان طرفان اهي رمارڪس 21 جون جي آمريڪي ناڻي کاتي پاران تجويز ڪيل قاعدن کان پوءِ سامهون آيا آهن جيڪي آمري??ي سيڙپڪاري کي چين ۾ محدود ڪري ڇڏيندو.
چين ۾ سيڙپڪاري کي محدود ڪرڻ وارن آمريڪي تجويز ڪيل اصولن جي سختي سان مخالفت ڪيون ٿا: واپار واري وزارت بابت چين جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha