تل ابيب -24 جون (اي پي پي) اسرائيلي وزيراعظم بنجمن نيتن ياهو چيو آهي، ته غزه کي ڪنهن به صورت فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، اتي جنگ جاري رهندي ۽ لبناني س??حد تي پڻ جلد اسرائيلي فوج ٻيهر ??قر?? ڪئي ويندي. بي بي سي مطابق اسرائيلي ٽي وي چينل کي انٽرويو ۾ هن چيو ته غزه جي ڏکڻ واري علائقي رفح ۾ جنگ جو شديد مرحلو ختم ٿي چڪو اهي، پر ان جو مطلب اهو ناهي ته جنگ ختم ٿيڻ واري آهي. اها جنگ جاري رهندي. هن چيو ته اسرائيل لبنان جي س??حد تي ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ اسرائيلي فوج جلد ئي ان س??حد تي پنهنجي جٿن کي ٻيهر ??قر?? ڪرڻ جي قابل ٿي ويندو. اسرائيل جي وزيراعظم ان خيال کي به رد ڪيو ته غزه جو انتظام اولهندي ڪناري ۾ قائم فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪي?? وڃي. هن چيو ته هو غزه ۾ فلسطيني رياست قائم ڪرڻ يا ان کي فلسطيني اٿارٽي حوالي ڪرڻ لاءِ ڪنهن به قيمت تي تيار نه ٿيندا. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو خطي جي اڪثر ملڪن سان گڏجي غزه ۾ هڪ سول انتظاميه قائم ڪري وٺندا.
غزه کي فلسطيني اٿارٽي جي حوالي نه ڪيو ويندو، جنگ جاري رهندي: اسرائيلي وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados