نيويارڪ-16 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي انس??ني حقن بابت اداري (او ايڇ سي ايڇ آر) اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو ڪيو آهي. گڏيل قومن جي انس??ني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته اسان سمجهون ٿا ته اتر لبنان ۾ اها 4 منزله عمارت هئي جنهن تي حملو ٿيو ، جنهن ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيڻ جا اطلاع آهن. هن چيو ته انهن سببن کي ??هن ۾ رکندي اسان کي ??المي انس??ني قانون جي حوالي سان حقيقي خدشا آهن، تنهن ڪري جنگ جي قانونن، اڻبرابري ۽ اصولن کي نظر ۾ رکندي او ايڇ سي ايڇ آر ان واقعي جي فوري، آزاد ۽ مڪمل جاچ جو مطالبو ڪري ٿو. گذريل ڏينهن اسرائيل جي ان فضائي حملي ۾ 22 ماڻهو فوت ٿيا جن ۾ 12 عورتون ۽ 2 ٻار پڻ شامل آهن. آڪٽوبر 2023ع ۾ غزه ۾ جنگ شروع ٿيڻ کانپوءِ لبنان ۾ فوتگين جو انگ هن وقت تائين 2200 کان وڌيڪ آهي. وچ اوڀر لاءِ يو اين ايڇ سي آر جي ڊائريڪٽر ريما جيموس امسيس چيو ته اهو انگ صورتحال وڌيڪ ڊرامائي هجڻ سان وڌي رهيو آهي. لبنان ۾ هن وقت تائين 1.2 ملين ماڻهو بي گهر ٿي چڪا آهن، جڏهن ته گڏيل قومن جي امداد واري رابطا آفيس (او سي ايڇ اي (اوچا) خبردار ڪيو آهي ته متاثر ٿيل سمورا ماڻهو ڏهاڪن کان بدترين انس??ني بحران کي ??رداشت ڪري رهيا آهن. اوچا ه?? آن لائن پوسٽ ۾ چيو ته صحت جي سهولتن تي حملا عالمي انس??ني قانونن جي ڀڃڪڙي آهن. انهن کي ??تم ٿيڻ گهرجي، شام سان لبنان جي سرحد تي به مايوس ڪندڙ منظرن جا اطلاع مليا آهن، جتي هن وقت تائين 283000 کان وڌيڪ ماڻهو حفاظت جي ڳولا ۾، اسرائيلي فضائي حملن سبب اتر شام ۾ داخل ٿي چڪا آهن، انهن ۾ 70 سيڪڙو شام واسي ۽ تقريبن 30 سيڪڙو لبنان جا رهواسي آهن. ٻئي پاسي غزه ۾ گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يونيسيف)الاقصيٰ اسپتال جي اڱڻ تي ٿيل حملي جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل قومن جي انساني حقن بابت اداري پاران اتر لبنان ۾ اسرائيلي فضائي حملي جي آزاداڻي جاچ جو مطالبو
مضمون کا ماخذ : بہت کچھ