گڏيل قومون -04 ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا ۾ امن کي درپيش خطرن ۽ تڪرارن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي گهٽجندڙ امڪانن باوجود عورتون سڄي دنيا ۾ امن لاءِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سياسي ۽ امن بابت معاملن جي سيڪريٽري جنرل روز ميري ڊي ڪارلو گذريل ڏينهن سلامتي ڪائونسل جي اجلاس دوران ڪيو. امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا تي ق??ادت جي صنفي تبديلي جي طاقت ۾ سيڙپڪاري تي بحث دوران ڳالهائي??دي هن سلامتي ڪائونسل جي ميمبرن تي زور ڀر??و ته نوجوان نسل لاءِ رستا کوليا وڃ??. ه?? چيو ته عورتن ۾ سيڙپڪاري، امن ۽ سلامتي جي ايجنڊا، تڪرارن کي روڪڻ ۽ جٽادار ۽ جامع امن حاصل ڪرڻ وقت جي ضرورت بڻجي ويو آهي. هن خبردار ڪ??دي هن عالمي طاقت جي ڍانچي کي ٻيهر تعمير ڪرڻ ۽ عورتن ۽ نياڻين جي عدم تحفظ وارن بنيادي سببن کي حل ڪرڻ لاءِ اسان کي ڪوششون تيز ڪرڻيون پونديون. روز ميري ڊي ڪارلو عورتن جي قائداڻي ڪردار کي هٿي وٺائڻ جي حوالي سان 3 اهم شعبن مڪالمي ۾ سهولتڪاري، امن جي جامع عمل کي هٿي وٺائڻ ۽ نوجوان عورتن جي ق??ادت ۾ سيڙپڪاري جي نشاندهي ڪئي. هن اهڙي جامع امن عمل کي اڳيان وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڀر??و جنهن ۾ عورتن کي ترجيحي ڪردار ڏنو وڃي. هن ياد ڏياريو ته عورت، امن ۽ سلامتي تي ڪائونسل جي سالياني بحث دوران سيڪريٽري جنرل امن عمل ۾ عورتن جي شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ ٺوس قدم کڻڻ تي زور ڀر??و هو.
عورتون دنيا ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجي ڪردار ذريعي اميد جو ڪرڻو بڻجي رهيون آهن: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت