اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت جي طرز ح??مراني جو ويزن شفافيت ۽ سگهه تي ٻڌل آهي ۽ انهن ٻنهي رخن تي ڪو ٺاهه نه ٿيندو. هن ??ها ڳالهه مواصلات واري مملڪتي وزير عبدالحڪيم بلوچ سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سڄي ملڪ ۾ جاري ۽ آئنده جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته موٽروي منصوبو شروع ڪندي شفافيت کي يقيني بڻايو پي?? وڃي ۽ مقرر مدي جي اندر ان کي مڪمل ڪرڻ تي ڪو ٺاهه نه ڪيو ويندو جڏهن ??ه پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبن سميت 800 ارب رپين جي ماليت جي بن??ادي ڍانچي جي ترقي جا اهي منصوبا ايندڙ ٽن سالن ۾ مڪمل ٿيندا.
مضمون کا ماخذ : ہیوگو 2