اسلام ??با?? – 16 آگسٽ (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي ڪنٽرول لائين تي ڀارتي فوج پاران لاڳيتو سرحد پار فائرنگ جي واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي ان عزم کي ورجايو آهي ته ڄمو?? ۽ ??شمير جي پراڻي تڪرار سميت سمورن حل طلب مسئلن جي حل کانسواءِ علائقائي امن ۽ ترقي ممڪن نه آهي. قومي سلامتي ڪميٽي (اين ايس سي) جو اجلاس وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ اندروني ۽ ٻاهرئين سلامتي جي صورتحال ۽ علائقائي ۽ عالمي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي گهرجن جو جائزو ورت?? ويو.
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن