ڊيره بگٽي / اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي، ووٽ ڏيڻ جو صحيح فيصلو ڪيو ته ان جا ثمر توهان آڏو هوندا، اهو وقت پري نه آهي جڏهن بلوچستان ملڪ جو امير ترين صوبو هوندو، بلوچستان ۾ 455 ارب ر??يا رستن جي منصوبن تي خرچ ٿيندا، هر ضلعي هيڊڪوارٽر کي گئس فراهم ڪئي ويندي، وفاقي حڪومت جي مدد سان صوبي ?? 21 يونيورسٽيون قائم ٿي رهيون آهن، ناراض بلوچ ڀائر گمراهه ڪندڙ پروپئگنڊه بدران صوبي ?? عوام جي تعمير ۽ ترقي ۾ حصو وٺن، محمد نواز شريف جي دور ۾ بجلي جا تاريخي منصوبا لڳا جن جا ثمر بلوچستان کي ملندا، سڀ کان قيمتي وسيلو پاڻي آهي جنهن کي ماضي ۾ نظرانداز ڪيو ويو، پاڻي جا معاملا ڏسڻ جي لاءِ ملڪ ۾ جدا وزارت قائم ڪئي وئي آهي، سپريم ڪورٽ جي 28 جولاءِ جي فيصلي سان اتفاق نه آهي پر ان جو احترام ڪريون ٿا، ڊير بگٽي ايندڙ چونڊن ۾ مسلم ليگ (ن) جو ڳڙهه ثابت ٿيندو، ڊيره بگٽي جي عوام سان واعدو آهي ته انهن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيندا. اهڙن ??يالن جو اظهار هن ڊيره بگٽي ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي افتتاح کانپوءِ ميڙ کي خطاب ڪندي ڪيو.
بلوچستان جو مستقبل صوبي جي عوام جي هٿن ۾ آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : لاٹری کا انعام کیسے حاصل کریں