اسلام آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي ترجمان فواد چوڌري اميد ظاهر ڪئي آهي ته 18 آگسٽ تي پاڪستان تحر??ڪ انصاف جي حڪومت جي جوڙجڪ جو عمل مڪمل ٿي ويندو. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته نوان چونڊيل ميمبر 13 آگسٽ تي حلف کڻندا ۽ انهي ڏينهن اسپي??ر ۽ ڊپٽي ا??پيڪر جي چونڊ ٿيندي. چيئرمين تحر??ڪ انصاف عمران خان قومي ا??يمبلي مان وزيراعظم چونڊجڻ کانپوءِ 18 آگسٽ تي ايوان صدر ۾ پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو. هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي ميمبرن بابت ڪو فيصلو اڃان تائين حتمي ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان تحر??ڪ انصاف جو سربراهه منسٽر انڪليو جي مرمت ۽ رنگ روغن جو ڪم جاري هجڻ سبب پنجاب هائوس ۾ قيام ڪندو.
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج