اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مديني جي رياست ۾ تعليم ۽ هيٺين ۽ ڪمزور طبقن جي ڀلائي تي خصوصي ڌيان ڏنو وي??، رياست مدينه جي ماڊل جي پيروي ڪندي موجوده حڪومت انساني وسيلن جي ترقي ۽ معاشري مان غربت جي خاتمي جي لاءِ تعليم خاص طور تي اعليٰ تعليم جي شعبي کي اولين اهميت ڏئي رهي آهي، وزيراعظم هائوس کي يونيورسٽي ۾ بدلائڻ ج?? مقصد به تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ حڪمران طبقي ۽ عوام جي وچ ۾ فاصلا گهٽ ڪرڻ آهي، معاشي صورتحال جلد بهتر ٿي وي??دي، احتساب مهم جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ رقم کي تعليم جي شعبي ??ي خرچ ڪيو وي??دو. هن اها ڳالهه وزيراعظم هائوس ۾ اسلام آباد نيشنل يونيورسٽي جي افتتاحي ڪانفرنس ۾ ”پاڪستان جي لاءِ اڀرندڙ چئلينجز ۽ موقعا“ جي موضوع تي خطاب ڪندي چئي.
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ