اسلام آباد – 13 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي ??رب سان لاڳاپا اقتصادي ??صيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري دوران 8 معاهدن تي صحيحون ٿينديون، ايندڙ ٻن سالن ۾ سعودي ??رب پاران 7 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، سعودي ??رب تيل ۽ گئس، زراعت، توانائي، پيٽرو ڪيميڪل، خوراڪ، زراعت، پرو??يس??گ، ڪنسٽرڪشن سميت ڪيترن ئي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جي خواهش ظاهر ڪئي آهي، سعودي ??رب 30 سالن کانپوءِ وزيراعظم کي اسٽيٽ وزٽ ڏنو، ميونخ ڪانفرنس جي موقعي تي افغان صدر اشرف غني سميت روس، ڪئناڊا، ازبڪستان جي پرڏيهي وزيرن ۽ آمريڪي ڪانگريس ميمبرن سان ملاقاتون ٿينديون. پرڏيهي وزارت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار ۽ سيڙپڪاري واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، سيڙپڪاري بورڊ جي چيئرمين هارون شريف سان گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته جڏهن اسان جي حڪومت آئي ته سعودي ??رب سان لاڳاپا سردمهري جو شڪار هئا جڏهن ته وزيراعظم عمران خان جي هڪ ٻئي پٺيان دورن سان سعودي ??رب سان لاڳاپن ۾ خوشگوار تبديلي آئي آهي.
سعودي عرب سان لاڳاپا اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : apostas lotofácil