اسلام آباد – 17 مئي (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان روايتي سياستدانن جي طرح وچولي مدي واري ??اليسين بدران هڪ حقيقي اڳواڻ جي حيثيت سان ملڪ ۽ قوم جي وسيع تر مفاد ۾ ڊگهي مدي واري ??اليسين تي عمل پيرا آهي جنهن ۾ ادارن ۾ سڌارا، معيشت جو استحڪام ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن جي ڀلائي کي اولين ترجيح ح??صل آهي. هو قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) جي دوري جي موقعي تي خطاب ڪري رهي هئي، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شفقت جليل، اي پي پي جي ايم ڊي طارق محمود خان، ڊائريڪٽر نيوز ش??يق قريشي، اي پي پي ايمپلائيز يونين جي صدر شهزاد علي اڪبر سميت اي پي پي ملازمن جو وڏو انگ ان موقعي تي موجود هو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن