گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان سڄي دنيا ۾ پکڙيل دهشتگرديءَ کي ختم ڪرڻ لاءِ فلسطين ۽ ڪشمير جهڙي ڊگهي عرصي کان حل طلب تڪرارن جي حل لاءِ اتان جي رهائشين کي خوداراديت ڏيڻ تي زور ڀريو آهي. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ??ستقل نمائندي منير اڪرم جنرل اسيمبلي جي ??انوني (ڇهين) ڪميٽيءَ کي بين الاقوامي دهشتگرديءَ جي خاتمي جي ??دمن تي بحث دوران ٻُڌايو ته دهشتگردي کي جامع طور تي شڪست ڏيڻ لاءِ اسان نه صرف انهن جي علامتن پر ان جي بنيادي سببن کي به حل ڪرڻ گهرجي. هن پنهنجي تبصري ۾ دهشتگرديءَ جي اُڀرندڙ رجحانن جي باري ۾ ڳالهه ڪئ?? ۽ ان لعنت کي مُنهن لاءِ هڪ جامع ڪنوينشن تيار ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. هن چيو ته جامع ڪنوينشن ۾ دهشتگردي جي ڪنهن به تعريف کي نظر ۾ رکڻ گهرجي ۽ اُڀرندڙ خطرن خاص طور اڇي رنگ جي بالادستي پُرتشدد ڪاررواين، کاٻي ڌُر، پرتشدد قومپرست، زي??وف??بڪ، اسلاموفوبڪ، دنيا جي ??ختلف حصن ۾ مسلم مخالف نظرين ۽ هندوتوا گروپن کي به نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته نئين ڪنوينشن جو ??هشتگردي جي ڪاررواين ۽ حق خوداراديت ۽ قومي آزاديءَ لاءِ پرڏيهي ۽ نوآبادياتي قبضي تحت ماڻهن کي جائز جدوجهد وچ ۾ فرق واضح ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ گهرجي ته دهشتگرديءَ خلاف جنگ جو ??نساني حقن جي ڀڃڪڙين لاءِ غلط استعمال نه ٿئي. هن چيو ته ايمنسٽي انٽرنيشنل جي تازي رپورٽ ان ڳالهه جي ??ضاحت ڪري ٿي ته ڪنهن طرح ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ ملڪ ڀارت سول سوسائٽي ۽ صحافين کي دٻائڻ ۽ ظلم کي تيز ڪرڻ لاءِ ايف اي ٽي ايف جي سفارشن کي هٿيار بڻائڻ آهي. منير اڪرم چيو ته گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ مُک ڪردار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته پاڪستان به اصولي طور تي دهشتگرديءَ جو ??ڪار رهيو آهي، هن چيو ته گذريل 20 سالن ۾ دهشتگرديءَ جي حملن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ شهري ۽ فوجي جوانن جو نقصان برداشت ڪيو آهي ۽ ان جي ??عيشت ۽ ترقيءَ کي شديد نقصان پهتو آهي. هن چيو ته 29 سيپٽمبر تي 12 ربيع الاول جي ??وقعي تي ملڪ کي ٻه دهشتگرد حملن کي مُنهن ڏيڻو پيو جنهن ۾ 60 ماڻهو شهيد ۽ 100 کان وڌيڪ شديد زخمي ٿي پيا. هن چيو ته دهشتگردي جي ??ئين سائبر ٽولز خاص طور تي ڪرپٽو ڪرنسي ۽ آن لائن دهشتگردي ۽ سوشل ميڊيا پليٽ فارمز کي منظم ڪن ٿا. ان مقصد لاءِ هن تجويز ڏني ته جنرل اسيمبلي کي عالمي دهشتگردي جي حڪمت عملي کي لاڳو ڪرڻ کي هٿي ڏيڻ لاءِ هڪ ڪميشن قائم ڪرڻ گهرجي.
فلسطين ۽ ڪشمير جهڙي ڊگهي عرصي کان حل طلب تڪرارن جو حل، هتان جي رهائشين کي خوداراديت ڏني وڃي: منير اڪرم
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن