نيويارڪ -01 نومبر (اي پي پي) نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي ??نساني حقن واري آفيس او ايڇ سي ايڇ آر جي ڊائريڪٽر ڪريگ موخيبر اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ گڏيل قومن جي ناڪامي تي پنهنجي ??هدي تان احتجاج طور استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. روس جي ??خبار جي ??پورٽ مطابق پنهنجي بي??ن ۾ هن چيو ته غزه ۾ فوري جنگ بندي گڏيل قومن جي ??ميواري هئي. جيڪا ذميواري پوري ڪرڻ بجاءِ گڏيل قومن آمريڪا جي ??اقت سامهون هٿيار ڦٽا ڪيا ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ اسرائيلي لابي جي مقابلي ۾ شڪست تسليم ڪئي جڏهن ته فلسطين ۾ آبادڪاري جو يورپ جو نئين آبادي وارو منصوبو پنهنجي ??خري مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي. ڪريگ موخيبر گڏيل قومن جي ??نساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ کي لکيل هڪ خط ۾ چيو آهي ته هڪ ڀيرو ٻيهر فلسطينين جي نسل ڪشي اسان پنهنجي ??کين سان ڏسي رهيا آهيون ۽ اسان جنهن عالمي اداري لاءِ ڪم ڪندا آهيون اهو ان کي روڪڻ ۾ بي بس نظر اچي رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ جاري اسرائيل جي فوجي ڪارروائي فلسطينين جي نسل ڪشي آهي. هن چيو ته اسرائيل جي فوج هٿان فلسطين جي ??وام جو وڏي پئماني تي قتل عام جنهن جون پاڙون نسل پرستاڻي آبادڪاري جي نئين آبادياتي نظرئي تي ٻڌل آهن جي نسل ڪشي ٿيڻ ۾ شڪ ۽ بحث جي ڪا به گنجائش ناهي. هن چيو ته آمريڪا، برطانيه ۽ يورپ جي ??ڪثر ملڪن جون حڪومتون غزه ۾ جاري اسرائيل جي ??وفناڪ ڪارروائي کي روڪڻ ۾ نه رڳو پنهنجي ??المي ذميوارين کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون آهن پر اهي اسرائيل جي فوج کي سرگرمي سان هٿيار ڏيڻ، اسرائيل کي اقتصادي طور امداد فراهم ڪرڻ ۽ اسرائيل جي فوج کي ڳجهي معلومات فراهم ڪرڻ ۾ مص??وف آهن. ڪريگ موخيبر چيو ته اولهه جي ڪارپوري?? ميڊيا ان سڄي عمل ۾ ڄاڻايل ملڪن جي ڀرپور معاونت ڪري رهي آهي ۽ فلسطينين جي نسل ڪشي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ لڳاتار کين غير انساني سطح تائين کڻي وڃي رهي آ??ي، ان لاءِ نسلي يا مذهبي نفرت جي وڪالت لاءِ پروپئگنڊه ڪري رهي آهي. گڏيل قومون بار بار نسل ڪشي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون آهن ۽ روانڊا، بوسنيا ?? ميانمار ۾ روهينگا مسلمانن سان ٿيل سلوڪ ان جو تازو مثال آهن. هن چيو ته هاڻي گڏيل قومن جي ڪا به ساک ناهي پر اسان جي ناڪامين جي نتيجي ۾ سڀ کان وڏو نقصان فلسطين جي ??وام جو ٿيو آهي. ان صورتحال کي ٺيڪ ڪرڻ لاءِ گڏيل قومن کي هاڻوڪن ڏينهن ۾ سڄي دنيا جي ??هرن ۾ ماڻهن طرفان ظاهر ڪيل اصولي موقف مان سکڻ گهرجي ??تي انهن شهرن ۾ اتان جو عوام وڏي انگ ۾ نسل ڪشي خلاف اٿي بيٺو آهي. هن گڏيل قومن کان مطالبو ڪيو ته فلسطين مسئلي جي ٻه رياستي حل جي ڌوڪي کي ختم ڪري علائقي ۾ فلسطين جي واحد جمهوري ۽ سيڪيولر رياست قائم ڪرڻ جي ??مايت ڪئي وڃي جيڪا اسرائيل جي نسل پرستاڻي ۽ نئين سر آبادي واري منصوبي کي پاڻ ئي مٽي ۾ ملائي ڇڏيندي.
گڏيل قومون اسرائيل فلسطين بحران کي مناسب طريقي سان حل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون، او ايڇ سي ايڇ آر جي سربراهه عهدي تان احتجاجن استعيفيٰ ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : سشی ایکسپریس