بيجنگ – 04 نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين جي هر قسم جي حالتن ۾ جاري اسٽريٽجڪ ت??او?? تي ٻ??ل حصيداري جي استحڪام سان پاڪستان ۽ چين جي عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ ترقي جي نئين دور ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ گڏيل منصوباسازي ۾ مدد ملندي. چين جي وزيراعظم لي ڪيانگ جي دعوت تي وزيراعظم عمران خان 2 کان 5 نومبر 2018ع تائين چين جو دورو ڪري رهيو آهي، دوري دوران وزيراعظم عمران خان چين جي صدر شي جن پنگ، وزيراعظم لي ڪيانگ، نيشنل پيپلز ڪانگريس جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين لي زن شو ۽ چين جي نائب صدر وانگ ڪي شان سان ملاقاتون ڪيون آهن. ملاقاتن ۾ روايتي گرمجوشي، گڏيل اعتماد جو مظاهرو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن معاملن، علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم عمران خان سي پي سي سينٽرل ڪميٽي جي اسڪول جي هڪ تقريب کي خطاب پڻ ڪيو، بيجنگ سان گڏوگڏ وزيراعظم عمران خان شنگهائي جو دورو پڻ ڪيو جتي هو اڄ سومر ڏينهن پهرين چا??نا انٽرنيشنل امپورٽ ايڪسپو ۾ شرڪت ڪندو. پاڪ چين تاريخي لاڳاپن جي ترقي تي اطمينان جو اظهار ڪندي انهن ۾ وڌيڪ سگهه ۽ استحڪام جو جائزو پڻ ورتو ويو. دوري دوران ڌرين پاڪ چين دوستي کي هر وقت ۾ قائم رهڻ، مقامي، علائقائي ۽ عالمي تبديلين جي باوجود سدائين مستحڪم رکڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چين جي قيادت مستق??ل ۾ به هر قسم جي حالتن ۾ پاڪ چين گڏيل اسٽريٽجڪ ت??او?? تي ٻ??ل حصيداري، پاڪ چين عوام کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ ۽ مستق??ل ۾ گڏيل ت??او?? تحت دوستي کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ ۽ مستحڪم ڪرڻ جي عزم کي پڻ ورجايو. پاڪستان ۽ چين سال 2005ع ۾ دوستي، ت??او?? ۽ سـٺي پاڙيسرين جي لاڳاپن جي حوالي سان هڪ معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن. وزيراعظم جي بيجنگ جي دوري جي موقعي تي جاري گڏيل پڌرنامي موجب سياسي لاڳاپن ۽ اسٽريٽج?? ڪميونيڪشن جي حوالي سان چين ۽ پاڪستان سٺن پاڙيسرين، ويجهن دوستن، گڏيل ڀائيچاري ۽ اعتماد تي ٻ??ل حصيداري جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم عمران خان جي بيجنگ دوري جي موقعي جاري گڏيل پڌرنامو
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ آن لائن دستیاب