اسلام آباد – 27 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي جي هدايت تي ٿر، سنڌ ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جي ذميوار شخص عبدالسلام ابو دائود کي س??ڌ پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي ٿر ۾ هندو شهري کي هراسان ڪرڻ جي واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي گهرو وزارت جي سيڪريٽري ۽ آ??ِ جي سنڌ کي قانوني ڪارروائي جي هدايت ڪئي هئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف عل??ي چيو ته اهڙا واقعا ملڪ جي بدنامي جو سبب بڻجي سگهن ٿا، اقليتن سان زيادتي اسلام جي روح جي م??اف??، آئين پاڪستان جي سنگين خلاف ورزي آهي، هن چيو ته آئين پاڪستان اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ جي ضمانت ڏئي ٿو، اقليتن کي سمورا حق حاصل آهن، رياست انهن جي تحفظ لاءِ قدم کڻي رهي آهي، هن چيو ته اهڙن واقعن جي روڪٿام معاشري جي سمورن ماڻهن جي گڏيل ذميداري آهي.
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر