اسلام آباد – 23 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مرا?? خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر ۽ ماحولياتي تبديلين وارو خاص معاون ملڪ امين اسلم پڻ وزيراعظم ??ان گڏ آهن. دوري دوران وزيراعظم ??مرا?? خان وچ اوڀر ??ري?? انيشي ايٽيو سربراهه اجلاس جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت ڪندو جتي هو ماحولياتي تبديلين سبب اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن تي موقف پيش ڪندو. وزيراعظم ماحولياتي چئلينجز کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فطري حل بابت ??اڪ??تان جي تجربن کي پڻ اجاگر ڪندو. اهو سربراهه اجلاس ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز جو قدم آهي. وچ اوڀر خطي جي حوالي سان اهڙي قسم جو اهو پهريون اجلاس آهي. وزيراعظم ??مرا?? خان سعودي قيادت سان ٻطرفي ڳالهه ٻولهه ڪندو جنهن ۾ سعودي عرب ۾ ??اڪ??تانين جي ڀلائي، ??اڪ??تاني پورهيتن جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ، معاشي ۽ واپاري لاڳاپن تي اڳڀرائي تي ڌيان ڏنو ويندو. ڌريون علائقائي ۽ عالمي معاملن بابت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون. وزيراعظم ??مرا?? خان دوري دوران ??اڪ??تان ۾ سيڙپڪاري جي فروغ جي حوالي سان تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سعودي عرب ۾ ??اڪ??تاني برادري سان تعلق رکندڙ ناليوارن سيڙپڪارن ۽ ڪاروباري شخصيتن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻا، گڏيل عقيدي، تاريخي ۽ گڏيل تعاون تي ٻڌل لاڳاپا آهن. سعودي عرب ۾ 20 لک کان وڌيڪ ??اڪ??تاني رهندڙ آهن جيڪي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ سميت مسلسل اعليٰ رابطن، مختلف شعبن ۾ ويجهي تعاون، علائقائي ۽ عالمي معاملن تي گڏيل تعاون تي ٻڌل آهن. وزيراعظم ??مرا?? خان جي دوري سان ??اڪ??تان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو.
وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي دعوت تي سعودي عرب جي ٽن ڏينهن جي دوري تي روانو
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کی پیشن گوئی