اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ??هي ته باني پاڪستان قائداعظم محمد ع??ي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي مشن جي نگهبا??ي ڪري رهيو ??هي، عمران خان اهڙو پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو ??هي جيڪو ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ?? اسلامي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد ع??ي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ??ه قائداعظم محمد ع??ي جناح پاڪستان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پاڪستان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد ع??ي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو ??هي. هن چيو ??ه اڄ اسان نئون پاڪستان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جيڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن کي قائداعظم محمد ع??ي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ??ه اسان جا سمورا قدم قائداعظم جي سوچ جو عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪستان آهي جنهن جي لاءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عامر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائداعظم محمد ع??ي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائداعظم محمد ع??ي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا