اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاقي ڪابينا تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي خوني لان?? مارچ ۽ سياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي ڪاهه ڪرڻ ??ابت خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس وٺندي ان تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته گهرو وزير رانا ثناءُ الله خان چي?? آهي ته رياست مخالف ڪو به لان?? مارچ ٿيو ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. وفاقي ڪابينا جو اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. وفاقي ڪابينا عوام کي عمران خان جي 25 مئي جي لان?? مارچ کي رد ڪرڻ ??ي مبارڪباد ڏني، اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ميڊيا ۽ اطلاعات واري وزارت جي عوام لاءِ هٿياربند جٿن ۽ ان جي اصل چهرن جي حقيقتن تي ٻڌل رپورٽنگ واکاڻ جوڳي آهي، وزيراعظم ڪابينا کي ٻڌايو ته هن گهرو وزارت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي هدايت ڪئي هئي ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هئڻ گهرجي، گهرو وزير رانا ثناءُ الله اجلاس کي ٻڌايو ته ڪنهن به اهلڪار وٽ هٿيار نه هو، وفاقي ڪابينا قانون لاڳو ڪند?? سڀني اهلڪارن کي پنهنجا فرض چڱي ريت نڀائڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو، وزيراعظم گهرو وفاقي وزير رانا ثناءُ الله، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪائره سميت 5 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي، گهرو وزير اجلاس کي ٻڌايو ته رياست مخالف ڪابه لان?? مارچ ٿي ته ان سان سختي سان منهن ڏنو ويندو. مولانا اسعد محمود لان?? مارچ رد ڪرڻ ??ي قوم کي مبارڪباد ڏني ۽ قانون جي حڪمراني کي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو، وفاقي ڪابينا پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان پاران 25 مئي جي خوني مارچ جي اعلان ۽ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن پاران هٿيارن سان اسلام آباد تي حملي جو سختي سان نوٽيس ورتو ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪيو. گهرو وزير رانا ثناءُ الله لان?? مارچ کي رد ڪرڻ ??ي عوام ۽ لان?? مارچ دوران خدمتون سرانجام ڏيڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن جو ٿورو ادا ڪيو، رانا ثناءُ الله ڪابينا کي ٻڌايو ته 25 مئي تي پي ٽي آءِ پاران لان?? مارچ ڪا سياسي سرگرمي نه هئي، پر رياست مخالف سوچيل سمجهيل سازش هئي، خيبرپختونخوا حڪومت جي وسيلن کي استعمال ۾ آڻيندي پي ٽي آءِ هڪ ڏينهن پهريون ڪي پي هائوس ۾ هٿياربند جٿن کي گڏ ڪيو، گلگت بلتستان جي وڏي وزير به پوليس تي حملو ڪيو، رانا ثناءُ الله چي?? ته اها ڪا سياسي سرگرمي نه پر واضح طور تي رياست تي حملي جي ڪوشش هئي، وفاقي ڪابينا خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيان جو به نوٽيس ورتو ۽ سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هن چي?? ته هن ڀيري اسان پوري قوت سان رياست ۽ وفاقي گادي واري شهر تي حملو ڪنداسين.
وفاقي ڪابينا عمران خان ۽ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير جي بيانن جو سخت نوٽيس ورتو، ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará