ڪ??لا?? – 31 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ڪ??لا?? ۾ ڦاٿل جرمن سي??ح خاندان سميت ٻين سي??حن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ فوري طور هيليڪاپٽر فراهم ڪندي، هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي، وزيراعظم جيڪو ڪالهه خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثر علائقن ڪ??لا?? ۽ سوات جي دوري تي پهتو، تنهن اتي موجود سي??حن سان ملاقات به ڪئي. انهن کي ملندڙ سهولتن جو جائزو به ورتو وزيراعظم سي??حن ۽ ٻوڏ متاثرين سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ آئون خيبرپختونخواهه جي دوري تي آيو آهيان ماڻهن سان مليو آهيان، انهن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هتي رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سي??ح به موجود آهن، انهن کي انهن جي گهرن تائين پهچائينداسين، پاڪ فوج جا هيليڪاپٽر انهن کي ڪڍي رهيا آهن، هتي ڦاٿل سمورن سي??حن کي ڪڍي وٺنداسين، وزيراعظم جرمني مان آيل سي??ح خاندان سان به مليو. کيس ٻڌايو ويو ته هتي 600 کان 700 تائين سي??ح اڃا موجود آهن جن کي سڀاڻي تائين ڪڍيو ويندو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي مشينري سان بحالي جو ڪم جاري آهي. اسان جي پهرين ترجيح رستن جي بحالي آهي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته مدين، بحرين، سي??و شري?? ۽ ????لا?? ۾ ڪيتريون ئي پليون ۽ رستا تباهه ٿيا. وزيراعظم اين ايڇ اي کي هدايت ڪئي ته رستن کي جلد بحال ڪيو وڃي. ڪ??لا?? ۾ ڦاٿل سي??حن کي فوري ڪڍيو وڃي. وزيراعظم هنگامي بنيادن تي رستن جي بحالي جو ڪم ايف ڊبليو او جي حوالي ڪري ڇڏيو. اتي ڦاٿل سي??حن کي ڪڍڻ جي لاءِ فوري هيليڪاپٽر فراهم ڪرائي ڇڏيو.
وزيراعظم پاران ڪالام ۾ ڦاٿل سياحن کي فوري طور ڪڍڻ لاءِ هيليڪاپٽر فراهم، جرمن سياح خاندان سميت ٻين سياحن سان مُلاقات، رليف سينٽر ۾ عورتن، ٻارن سميت ڪافي سياح به موجود آهن، هتي ڦاٿل سمورن سياحن کي ڪڍي وٺنداسين: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کا نتیجہ