اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته صوب??ئي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن ??و اظهار صوب??ئي محتسب ب??وچستان نذر محمد بلوچ سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صوب??ئي محتسب ب??وچستان صدر کي اداري جي سال 2021ع جي رپورٽ پيش ڪئي. صدر چيو ته سرڪاري ادارن جي بدانتظامي جي خلاف عوامي شڪايتن جو فوري ازالو ضروري آهي، وفاقي ۽ صوب??ئي محتسبين انصاف جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته محتسبين جون خدمتون وڌيڪ ماڻهن تائين پهچائڻ جي لاءِ انهن کي مضبوط بڻائڻ لازمي آهي، ماڻهن کي انهن جي درن تي انصاف جي فراهمي لاءِ محتسب جي پهچ کي ڏورانهن علائقن تائين وڌائڻ گهرجي. صدر چيو ته صوب??ئي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائي، بلوچستان جي عوام کي محتسب جي ڪردار بابت آگاهي ڏيڻ جي لاءِ موثر آگاهي مهم شروع ڪئي وڃي. ملاقات جي موقعي تي صوب??ئي محتسب صدر کي 2021ع جي اداري جي ڪردار ۽ ڪارڪردگي بابت ٻڌايو. هن چيو ته سندس چارج سنڀالڻ کانپوءِ رجسٽرڊ شڪايتن ??و انگ ٻيڻو ٿي ويو. صوب??ئي محتسب ب??وچستان چيو ته صوب??ئي محتسب کي 2021ع ۾ 1321 شڪايتون مليون جن مان 1043 شڪايتن ??و ازالو ڪيو ويو. هن چيو ته اڪثر شڪايتون تعليم ۽ صحت جي کاتن بابت هيون. نذر محمد بلوچ چيو ته بلوچستان جي 7 مختلف ضلعن ۾ عوامي سهولت جي لاءِ کليل ڪچهريون پڻ منعقد ڪيون ويون.
صوبائي محتسب عوامي اعتماد برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي فيصلن تي وقت سر عملدرآمد يقيني بڻائين: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا