ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ورلڊ اڪنامڪ فورم جي 54 هين س??لياني اجلاس جي موقعي تي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس سان ملاقات ڪئي، پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن جي پاڪستان س??ن خاص طور تي عوامي صحت، سماجي قدمن ۽ مالياتي شموليت جهڙن شعبن ۾ ان جي اهم تعاون س??ن گڏوگڏ ڪورونا وبا ۽ 2022ع جي ٻوڏ دو??ان تعاون کي ساراهيو. نگران وزيراعظم ۽ بل گيٽس پاڪستان ۾ سماجي تعاون جي ڪيترن ئي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ سڄي ملڪ ۾ ڪوششن کي وڌائيندي انهن جي ثمرن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. نگران وزيراعظم غربت ۽ غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ حڪومت جي گڏيل ڪوششن جو پڻ خاڪو پيش ڪيو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي بل گيٽس سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نتائج