اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان گڏيل عرب ام??رات سان وا??ار، سياحت ۽ سيڙپ??ار?? تي ڌيان ڏيندي سياسي خيرسگالي کي مضبوط اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان گڏيل عرب ام??رات جي سفير حماد عبيد ابراهيم سالم الزابي ملاقات ڪئي. گڏيل عرب ام??رات جي سفير وزيراعظم کي ٻيهر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ ان جي لاءِ گڏيل عرب ام??رات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا ايندڙ سالن ۾ وڌيڪ مضبوط ٿيندا. وزيراعظم مبارڪباد وارن پيغامن تي گڏيل عرب ام??رات جي قيادت جا ٿورا مڃيا ۽ صدر شيخ محمد بن زيد النهيان، نائب صدر شيخ محمد بن راشد المڪتوم ۽ نائب وزيراعظم شيخ منصور بن زيد النهيان جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ ??ار??خي لاڳاپن کي ياد ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڪستان گڏيل عرب ام??رات سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ٻنهي ملڪن سدائين هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ٻئي ملڪ لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي ڀرپور خواهش رکن ٿا. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان زبردستي سياسي خيرسگالي کي وا??ار، سياحت ۽ سيڙپ??ار?? تي ڌيان ڏيندي مضبوط اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو. هن زراعت، معدنيات ۽ کاڻين جي کوٽائي، آءِ ٽي، قابل تجديد توانائي ۽ صنعت سميت ترجيحي شعبن ۾ غيرملڪي سيڙپ??ار?? راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ موثر طريقيڪار جي طور تي خصوصي سيڙپ??ار?? سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) جي ڪردار تي روشني وڌي. وزيراعظم گڏيل عرب ام??رات جي گذريل سال موسمياتي تبديلي تي ڪوپ – 28 جي اجلاس جي ڪاميابي سان ميزباني سان گڏوگڏ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر طور خدمتون سرانجام ڏيندي غزه ۾ امن قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته گڏيل عرب ام??رات اٽل 1.8 مل??ن پاڪستانين جي ميزباني ڪري هيو آهي جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جي حيثيت رکن ٿا. گڏيل عرب ام??رات جي سفير پنهنجي ملڪ جي قيادت جي پاڪستان سان وابستگي جي توثيق ڪئي ۽ چيو ته گڏيل عرب ام??رات مضبوط لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي حڪومت سان گڏ ڪم ڪرڻ جو منتظر آهي. سفير شيخ محمد بن زيد النهيان پاران وزيراعظم کي جلد کان جلد يو اي اي جي دوري جي دعوت ڏني. دوري جي دعوت قبول ڪندي وزيراعظم يو اي اي جي صدر کي پڻ جلد کان جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پاڪستاني عوام سندس شاندار استقبال ڪرڻ جي منتظر آهي.
پاڪستان گڏيل عرب امارات سان واپار، سياحت ۽ سيڙپڪاري تي ڌيان ڏيندي سياسي خيرسگالي کي مضبوط اقتصادي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهي ٿو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی