گڏيل قومون-04 آڪٽوبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سلامت?? ڪائونسل ڪالهه سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش جي مڪمل حمايت جي تصديق ڪئي آهي. پرڏيھي خابرو اداري مطابق گڏيل قومن ۾ سوئٽزرلينڊ جي مستقل نمائندي ۽ آڪٽوبر لاءِ ڪائونسل جي صدر پاسڪل بيريسوائل چيو ته سلامت?? ڪائونسل طرفان گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش، سندس اھم ڪردار ۽ گڏيل قومن لاءِ وسيع پيماني تي پنھنجي مڪمل حمايت جو ورجاءَ ڪيو ويو. بيان ۾ گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ملڪن کي گڏيل قومن جي سربراهه سان نتيجا ڏيندڙ ۽ اثرائتا ناتا رکڻ جي ضرورت تي ??ور ڀريو ويو آھي ۽ ميمبر ملڪن تي ??ور ڀريو ويو آھي ته سندس ڪم ۽ سندس آفيس کي نقصان پھچائڻ واري ڪنھن به قدم کان پاسو ڪيو وڃي. سلامت?? ڪائونسل جي ميمبرن ان ڳالھه تي ??ور وڌيڪ ڀريو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل يا گڏيل قومن سان ڳالھيون نه ??رڻ جو ڪو به فيصلو، خاص طور تي وچ اوڀر ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ جي تناظر ۾ بلڪل غلط آھي. واضح رھي ته اس??ائ??ل جي پرڏيھي وزير اس??ائ??ل ڪاٽز اربع تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيوگوتريش کي اس??ائ??ل ۾ اڻوڻندڙ شخصيت قرار ڏيندي سندس ملڪ ۾ داخلا تي پابندي لڳائي ڇڏي هئي.
گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل پاران سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش جي مڪمل حمايت جي تصديق
مضمون کا ماخذ : melhores loterias do Brasil