اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته گئس ڪنيڪشنن تي لاڳو پابندي 6 سالن کانپوءِ هٽائي وئي آهي، ايل اين جي ۽ آر ايل اين جي کي سسٽم ۾ شامل ڪرڻ سان گئس جي کوٽ تي تمام گهڻي حد تائين ضابطو آندو ويو آهي،. ڪيڊ واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر طارق فضل چوڌري سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيندڙ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي مملڪتي وزير مريم اورنگزيب ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ 31 نقاطي ايجنڊا تي تفصيلي بحث ٿيو ۽ ان ??ي منظوري ڏني وئي. هن چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت پاران پهريون ڀيرو سبسڊائز ه??ئوسنگ اسڪيم آندي پئي وڃي، هائوسنگ واري وزير ان ??سڪيم جي حوالي سان ڪابينا کي بريفنگ ڏني. ڪابينا هائوسنگ اسڪيم جي مختلف ڪيٽيگرين جو جائزو ورتو. وزيراعظم ان ??سڪيم جي حوالي سان ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي قائم ڪئي آهي.
گئس ڪنيڪشنن تي لاڳو پابندي 6 سالن کانپوءِ هٽائي وئي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا