اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير بئريسٽر سيد علي ظفر چيو آهي ته شفاف چونڊون منعقد ڪرائڻ نگران حڪومت جي ذميداري آهي، ڪنهن به ف??صل?? جو اثر عام چونڊن تي نه ٿيندو ۽ چونڊون 25 جولاءِ تي ئي ٿيندون، حڪومت ڪنهن جي خلاف ڪا ڪارروائي نه ڪري رهي آهي، عدالتي حڪمن تي عملدرآم?? اسان جي آئيني ذميداري آهي، لائبريريون علم جو خزانو آهن، لائبريريون نئين علم سکڻ لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪنديون آهن، نئين نسل کي لائبريري طرف راغب ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻا پوندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل لائبريري ۾ هڪ ڏينهن واري ورڪشاپ کي خ??اب ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی