اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عاشوري جي ڏهاڙي جي مناسبت سان قوم تي زور ڏنو آهي ته اڄ جي ڏينهن اسان کي وچن ورجائڻ گهرجي ته اسان اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هر اهو ڪم ڪنداسين جيڪو حق جي سربلندي، عدل ۽ انصاف جي فروغ، اسلامي روايتن جي پاسداري ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ مفيد هوندو، اسان کي گهرجي ته اسان گڏيل نفاق، فرقه واريت ۽ مذهبي منافرت کان مٿانهون ٿي ڪري ملڪي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪريون. صدر يوم عاشور محر?? الحرام 1442هه جي موقعي تي قوم جي نالي پيغام ۾ چيو ته يوم عاشور يعني 10 هين محر?? الحرام کي الله تعاليٰ روز ازل کان ئي خاص شرف بخشيو آهي، ان ڏينهن تاريخ انسانيت جا تمام گهڻن اهم واقعا رونما ٿيا جهڙوڪ حضرت آ??م جي توبه قبول ٿي، حضرت نوح عه جي ٻيڙي سلامتي سان جودي جبل تي لٿي، حضرت سيدنا ابراهيم عه تي نمرود جي باهه گلزار ٿي، ۽ ٻيو خليفو حضرت عمر رضه پهرين محر?? الحرام تي شهادت جي درجي تي فائز ٿيو، هن چيو ته حضور نبي ڪريم خات?? النب??ين صه جي ڏوهٽي حضرت امام عالي مقام حضرت امام حسين رضه پنهنجي اهل بيتِ اطهار ۽ ساٿين سان ڪربلا جي ميدان ۾ عاشور جي ڏهاڙي تي شهادت ماڻي اسلامي تاريخ ۾ ان ڏينهن کي قيامت تائين خاص بڻائي ڇڏيو.
قوم کي عاشور جي ڏينهن تي اسوه حسين رضه تي عمل پيرا ٿي هلڻ جو وچن ورجائڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : ڈریگن کی قسمت