اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ماضي جي حڪومتن پهچ ۽ ورڇ تي ڌيان نه ڏن??، انهي جي ڪري سڄي ملڪ ۾ اوچتو بجلي جو نظام متاثر ٿي??، اهڙي صورتحال ۾ به افواهه پکيڙيندڙ فيڪٽرين افواهون پکيڙڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هو توانائي واري وفاقي وزير عمر ايوب خان سان گڏ ملڪ ۾ بجلي جي بندش بابت گڏي?? پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته بجلي جي پهچ ۾ رڪاوٽ پيدا ٿي، ان دوران ڪيترين ئي افواهن جنم ورتو. هن چيو ته بجلي جو شعبو ملڪ ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، ماضي جي حڪومت جنريشن تي ڌيان ڏنو ۽ پهچ ۽ ورڇ جي نظام تي ڌيان نه ڏنو ۽ نه ئي پهچ جي نظام ۾ نئين ٽيڪنالاجي کي متعارف ڪرايو ويو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ