اسلام آباد – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي روانو ٿي ويو، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم تاجڪستان ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر امام علي رحمانوف ??ان ٻطرفي ملاقات لاءِ صدارتي محل جو دورو به ڪندو. وزيراعظم ۽ تاجڪستان جي وچ ۾ ڪاروباري شعبي ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏيل بزنس فورم کي به خطاب ڪندو. وزيراعظم دوشنبي ۾ ايس سي او جي 20 هين سربراهي ۾ شرڪت جي موقعي تي اجلاس ۾ شريڪ اڳواڻن سان ملاقات به ڪن??و. ??وري دوران وزيراعظم ايران ، قزاقستان، بيلاروس ۽ ازبڪستان جي صدرن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو، ايس سي او سربراهه اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ وزيراعظم عمران خان تاجڪستان جي صدر سان ملاقات ڪندو، وزيراعظم عمران خان سان هڪ اعليٰ سطحي وزارتي وفد به گڏ هوندو.
وزيراعظم تاجڪستان جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي دوشنبي روانو
مضمون کا ماخذ : مصری ڈریمز ڈیلکس