اسلام آباد/نيويارڪ – 24 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آه?? ته افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آه??. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پرڏيهي و??ير نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي جاپان جي پنهنجي هم منصب توشي مٽسو موتيج?? سان ملاقات ڪئي. ٻنهي پرڏيهي و??يرن جي و?? ۾ ٻطرفي لاڳاپن، افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. پرڏيهي و??ير چيو ته پاڪستان جاپان سان پنهنجي سياسي ۽ معاشي لاڳاپن کي و??ي اهميت ڏي ٿو، پاڪستان جاپان کي هڪ ترقياتي حوال?? سان اعتماد جي قابل حصيدار سمجهي ٿو. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان 2022ع ۾ پاڪستان ۽ جاپان جي سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه کي پرجوش انداز ملهائڻ جو ارادو رکون ٿا، پرڏيهي و??ير پاڪ جاپان گڏيل لاڳاپن کي و??يڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ لاءِ گڏيل ڪوششون استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي پنهنجي جاپاني هم منصب کي افغانستان جي اڀرندڙ صورتحال جي حوال?? سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آه??. افغانستان ۾ وڌندڙ انساني ۽ معاشي بحران جي خاتمي لاءِ ضروري آه?? ته عالمي برادري افغانستان جي مدد کي يقيني بڻائي. پرڏيهي و??ير مخدوم شاهه محمود قريشي ڀارت پاران والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ??رزين جي ثبوتن تي ٻڌل هڪ ”ڊوزيئر“ جاپاني هم منصب کي پيش ڪيو.
افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام جو قيام خطي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے نمبر