اسلام آباد – 02 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ماڻه?? کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سوچ بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضر??رت آهي، پاڪستان ڪڊ??ي اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ (پي ڪي ايل آئي) کي ٽرسٽ بڻايو وڃي ۽ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان ڪڊ??ي اينڊ ليور انسٽيٽيوٽ تي لاهور ۾ جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پي ڪي ايل آئي جي انتظامي معاملن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته گذريل سال 290 ڪڊني ٽرانسپلانٽ ۽ 190 ليور ٽرانسپلانٽ ڪيا ويا، مريضن مان رڳو 17 سيڪڙو کي ئي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪئي وئي. وزيراعظم کي اسپتال سان گڏ نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي تي اڳڀرائي کان پڻ آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم پي ڪي ايل آئي جي منصوبي ??ي مڪمل ڪرڻ ۾ ڪوتاهي ڪندڙ تي افسوس جو اظهار ڪندي پي ڪي ايل آئي ۾ مريض?? کي ڏني ويندڙ موجوده سهولت?? کي غيرتسلي بخش قرار ڏنو. وزيراعظم اسپتال ۾ سهولت?? کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 50 سيڪڙو غريب مريض?? کي مفت علاج فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پي ڪي ايل آئي جو مقصد ئي پوري ملڪ جي غريب ۽ لاچار ماڻه?? کي مفت ٽرانسپلانٽ جي سهولت فراهم ڪرڻ هو ته جيئن انه?? کي وڏي رقم خرچ ڪري علاج جي لاءِ ٻين ملڪن نه وڃڻو پوي. وزيراعظم پي ڪي ايل آئي ??ي مالي طور خودمختيار بڻائڻ جي لاءِ چيف سيڪريٽري پنجاب کي هدايت ڪئي ته هو مڪمل حڪمت عملي جوڙي ٽن ڏينهن ۾ پيش ڪري. وزيراعظم هدايت ڪئي ته مالي سببن جي ڪري پڻ مريض?? کي علاج کان محروم نه رکيو وڃي، صحت جون معياري سهولتون حاصل ڪرڻ ۾ ملڪ جي غريب ماڻه?? کي مسئلا آهن، انه?? کي عالمي معيار جي سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم لاچار ۽ مفلس طبقي تي ڌيان نه ڏيڻ جي سو?? کي بدلائڻ ۽ انهن جي خدمت کي ترجيحن ۾ سرفهرست رکڻ جي ضر??رت تي زور ڏنو. وزيراعظم پي ڪي ايل آئي کي ٽرسٽ بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته نرسنگ يونيورسٽي جي منصوبي کي جلد مڪمل ڪيو وڃي ۽ پي ڪي ايل آئي جي صفائي کي عالمي معيار موجب بڻائڻ جي لاءِ جيڪڏهن ضر??رت پوي ته صفائي جي نظام کي آئوٽ سورس ڪيو وڃي. اجلاس ۾ خواجه سلمان رفيق، خواجه عمران نذير، پنجاب جي چيف سيڪريٽري، پنجاب جي هيلٿ سيڪريٽري، لاڳاپيل اعليٰ عملدارن ۽ پي ڪي ايل آئي جي عهديدارن شرڪت ڪئي.
غريب ماڻهن کي صحت جي معياري سهولتن جي مفت فراهمي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : bolão lotomania