اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکي آهي. نيب سکر جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله ڳجهي سرڪاري معلومات غيرقانوني طور تي هڪ گهربل ڏوهاري کي فراهم ڪئي هئي، معلومات جي بنياد تي نيب ڪيس ۾ هڪ گهربل شخص گرفتاري کان بچي فر??ر ٿي ويو هو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ??يو ته ڪرپٽ ماڻهن کي رڳو نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڪافي نه آهي. هن هدايت ڪئي ته نيب ڪرپٽ عملدار ۽ ڪيس ۾ شامل ٻين ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي ??يو ته نيب عدالت جي مدد سان ڪيس ۾ ملوث سمورن ماڻهن کي سزا ڏياري، ڪرپٽ عملدار ملڪ کي دوکو ڏنو، بدعنواني جي خاتمي جي اداري ۾ ئي ڪرپشن ڪئي. تفصيل موجب نيب سکر ۾ نيب جي اڳوڻي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر فهيم الله کي سروس مان ڪڍڻ جي سزا ڏني هئي، فهيم الله گرفتاري جي وارنٽ بابت معلومات خوراڪ کاتي لاڙڪاڻي جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر رفيق احمد راڄپر کي ڏني جيڪو نيب کي خوراڪ ڪيس ۾ گهربل هو، فهيم الله اها معلومات پنهنجي دوست نيب جي اڳوڻي ڊپٽي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ??عق??ب راڄپر کي ڏني، ??عق??ب راڄپر معلومات رفيق راڄپر کي ڏني جنهن جي ڪري هُو موقعي تان فر??ر ٿي ويو ۽ گرفتاري کان بچي ويو. انڪوائري کانپوءِ فهيم الله جي خلاف الزام ثابت ٿيڻ تي نيب نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا ڏني. ڪرپٽ آفيسر سزا جي خلاف صدر وٽ اپيل داخل ڪئي هئي. صدر فهيم الله جي درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ نيب پاران ڏنل سزا ک?? برقرار رکيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته درخواست ڏيندڙ اڳوڻو فيصلو رد ڪرڻ جي حق ۾ ڪو سبب پيش نه ڪري سگهيو، ڳجهي معلومات فهيم الله کان ٿيندي رفيق راڄپر تائين پهتي جنهن جي ڪري جوابدار فر??ر ٿيو، فهيم الله، ??عق??ب راڄپر ۽ رفيق راڄپر جي وچ ۾ رابطو به ثابت ٿي ويو. هن چيو ته فهيم الله ۽ ??عق??ب راڄپر جي ٽيليفون جي فرانزڪ سان واضح طور ڪرپشن جا ثبوت مليا. صدر پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته فهيم الله جي اپيل رد ڪئي وڃي ٿي، نيب سکر ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ سامهون ايندڙ سمورن تفصيلن جي جاچ ڪري.
صدر پاران سرڪاري دستاويز ظاهر ڪندڙ نيب آفيسر کي نوڪري مان ڪڍڻ جي سزا برقرار
مضمون کا ماخذ : پشاور لاٹری