گلگت – 04 ̵1; آ??سٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غيراخلاقي ۽ غيرآئيني قدمن جي مذمت لاءِ اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ وانگر گلگ?? بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو. گلگ?? بلتستان حڪومت ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي مظلوم ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ مختلف تق??يبن جو خصوصي اهتمام ڪيو آهي. جڏهن ته ڪشميرين جي حمايت ۾ سڄي گلگ?? بلتستان ۾ ريليون ڪڍيون وينديون ۽ مظاهرا ڪيا ويندا جنهن ۾ هر طبقه فڪر جا ماڻهو ڀرپور شرڪت ڪندا. ان موقعي تي ريلي ۾ شريڪ ٿيندڙ پنهنجي ڪشميري ڀائرن کي اهو پيغام ڏين??ا ته پاڪستاني عوام خودمختياري جي حق لاءِ انهن جي منصفاڻي جدوجهد ۽ ڀارتي فورسز جي ظلمن خلاف سدائين انهن سان گڏ بيٺل رهندي. ان موقعي تي سول سوسائٽي جون تنظيمون ڪشميري عوام جي خلاف انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ سيمينارز ۽ ٻين تق??يبن جو اهتمام ڪيو آهي. واضح رهي ته مودي جي قيادت هيٺ ڀارتيا جنتا پارٽي جي حڪومت 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارتي آئين جي شق 370 ۽ 35 اي کي ختم ڪري ڇڏيو هو جنهن تحت ڪشمير کي خصوصي حيثيت ڏني وئي هئي.
اڄ جمعي ڏينهن سڄي ملڪ وانگر گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن ۾ به ڪشمير استحصال ڏهاڙو ملهايو ويندو
مضمون کا ماخذ : سلور لائونیس 4x ضرب