اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي)پا??ست??ن ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميواراڻي بي??ن کي رد ڪري ڇڏيو آهي. گذريل ڏينهن پرڏيهي آفيس طرفان جاري بي??ن مطابق پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته پا??ست??ن نئين دهليءَ ۾ رٿيل نام نهاد ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت طرفان ان خلاف سمورن حوالن ۽ الزامن کي سختيءَ سان رد ڪيو آهي. ڀارت هر دستياب فورم تي پا??ست??ن کي بدنام ڪرڻ جي پنهنجي ناقابل قبول ۽ لاعلاج خواهش جي روشنيءَ ۾ پابندي مڙهيل دهشتگرد تنظيم جي مالي معاونت ۾ پا??ست??ن تي مبينه طور ملوث هئڻ جا بار بار ڪُوڙا الزام لڳائي دنيا کي دهشتگرديءَ جي خاتمي ۾ پا??ست??ن جي ڪاميابين جي باري ۾ گمراهه ڪندو رهي ٿو. هن چيو ته ڀارت جي کوکلي بي??ن بازي پا??ست??ن جي ڪامياب دهشتگرديءَ جي خاتمي وارن قدمن آڏو ناڪام ٿي وئي آهي جن جو دهشتگرديءَ جي خاتمي، مني لانڊرنگ جي خاتمي ۽ دهشتگرديءَ جي مالي معاونت جي روڪٿام جي اعليٰ بين الاقوامي اداري فنانشل ايڪش ٽاسڪ فورس طرفان تسليم ۽ اعتراف ڪيو ويو آهي. اسان جا مضبوط ۽ قابل اعتماد اي ايم ايل/سي ايف ٽي قدمن ۽ ايف اي ٽي ايف ايڪشن پلانز تي تسلي بخش عملدرآمد سان هن آڪٽوبر ۾ پا??ست??ن کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۾ ڪاميابي حاصل ٿي آهي. هن افسوس جو اظهار ڪيو ته ڀارت غير قانوني طور پنهنجي ڏاڍ هيٺ ڪشمير ۾ پنهنجي دهشتگرديءَ جي مهم مسلسل جاري رکيو پيو اچي. ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي رياستي سرپرستيءَ ۾ ٿيل دهشتگرديءَ جو ڪو جواز ناهي جتي ان جي سيڪيورٽي فورسز هر روز بيگنا??ه شهرين کي دهشت، اذيت ۽ تشدد جو نشانو بڻائي ٿي. هن چيو ته انتهائي افسوسناڪ ڳالهه اها آهي ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان دهشتگردن کي پناهه ۽ تحفظ فراهم ڪري رهيو آهي. 2019ع ۾ هن سوامي اسيمانند کي بري ڪري ڇڏيو جيڪو 2007ع جي سمجهوته ايڪسپريس ڌماڪي جو مرڪزي ڪردار هو جنهن ۾ ڀارتي سرزمين تي 43 پا??ست??ني شهري قتل ٿيا هئا. هلندڙ سال جي شروع ۾ ڀارتي عدالتن گجرات ۾ 2002ع جي گوڌرا جهيڙن دوران بلقيس بانو جي اجتماعي لڄالٽ واري ڪيس جي 11 مجرمن کي آزاد ڪيو. اهڙيءَ طرح 26 نومبر جي ممبئي حملن جي ڪيس جي ٻُڌڻيءَ دوران ڀارت ڄاڻي واڻي پا??ست??ني عدالتن کان گواهن ۽ ش??هدين کي روڪي ڇڏيو. گذريل 14 سالن ۾ بار بار درخواستن باوجود صرف پنهنجي ناپاڪ سياسي ايجنڊا کي ڪوڙو ڪرڻ لاءِ ڪيس کي ڊيگهه ڏني وئي. هن چيو ته پا??ست??ن اندر دهشتگردي کي ڀڙڪائڻ ۾ هندستان جو ملوث هئڻ وڏي پيماني تي ثابت ۽ دستاويزي آهي. نومبر 2020ع ?? پا??ست??ن هڪ جامع ڊوزيئر جاري ڪيو هو، جنهن ۾ پا??ست??ن ۾ تخريبي سرگرمين ۾ ڀارت جي ملوث هئڻ جا ثبوت فراهم ڪيا ويا هئا. سزا يافته، حاضر سروس، ڀارتي نيول ڪمانڊر ڪلڀوشن ياديو تخريبڪاري ۽ دهشتگرديءَ ۾ ڀارت جي سڌيءَ ريت ملوث هئڻ جو ناقابل ترديد ثبوت آهي. ٽي ٽي پي ۽ افغانستان اندر پا??ست??ن سان دشمني رکندڙ ٻين ڌُرين سان هندستاني رابطن جي باري ۾ سڀ واقف آهي. هن چيو ته پا??ست??ن عالمي برادريءَ تي زور ڀري ٿو ته هو ڀارت جي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ ان جي قدمن، دهشتگرد ادارن جي سرپرستي ۽ پاڙيسري ملڪ ۾ دهشتگرديءَ کي هوا ڏيڻ لاءِ هندستان کي جوابدار قرار ڏي. هندستان کي گهرجي ته هو دهشتگرديءَ جي باري ۾ پنهنجي سُڃاڻپ کي فوري طور درست ڪري ۽ خودغرضاڻي سياسي مفادن جي حاصلات لاءِ بي شرميءَ سان ٻيهر ڪوڙا الزام لڳائڻ کان پاسو ڪري.
پاڪستان ”نو مني فار ٽيرر“ وزارتي اجلاس ۾ ڀارتي قيادت جي بي بنياد پروپيگنڊا ۽ غير ذميواراڻي بيان کي رد ڪري ڇڏيو آهي: پرڏيهي آفيس جي ترجمان
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام