ثمرقند – 13– اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ثمرقند ?? افغانستان جي پاڙيسري ملڪن جي چوٿين اجلاس جي موقعي تي ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سيدوف باختيور اوديلووچ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ٻنهي وزيرن ازبڪستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سمورن شعبن ۾ دوستاڻن لاڳاپن خاص طور تي رابطن، واپار ۽ سيڙپڪاري کانسواءِ عوامي رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين پاڪستان، ازبڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ٽرانس افغان ريلوي منصوبي تي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ان منصوبي جي وقت سر مڪمل ٿيڻ سان علائقائي رابطن ۾ اضافو ٿيندو. ملاقات جي موقعي تي ٻنهي طرفن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي شعبن ۾ ٻطرفي مٽاسٽا جي موجوده رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ ا??بڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير ملاقات ۾ ٻطرفي واپا?? کي وڌيڪ وڌائڻ جي لاءِ پاڪستان ۽ ا??بڪستان جي وچ م ترجيحي واپاري معاهدي (پي ٽي اي) کي جلد فعال ڪرڻ تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
حنا رباني کر جي ثمرقند ۾ ازبڪستان جي وقتي پرڏيهي وزير سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر