??اڪ?? – 15 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطر??ن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي ۽ واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آ??ي. ??ڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته صدر الهام عليوف سان ملاقات انتهائي فائديمند رهي جنهن ۾ اسان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطر??ن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، اسان پنهنجي بهترين لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي، اسان جي گڏيل عزم موجب واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، سياحت ۽ اعليٰ تعليم جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ملندو. وزيراعظم چيو ته هو ۽ ان جو وفد پاڪستان ۽ پاڪستان جي عوام جي لاءِ آذربائيجان جي ماڻهن جي محبت کان تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن، ??اڪ?? ۾ لهرائيندڙ پاڪستاني جهنڊن جي بهار ڏسڻ وٽان هئي، عوام جي وچ ۾ گڏيل محبت ۽ احترام تي ٻڌل اهو رشتو اسان جي لاڳاپن جي مضبوطي جو عڪاس آ??ي. ??زيراعظم چيو ته هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي معاملي تي پاڪستان جي مسلسل حمايت تي آذربائيجان جي صدر جا ٿورا مڃيا ۽ ان کي ڪاراباخ جي معاملي تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت جو ي??ين ڏياريو آ??ي. ??زيراعظم چيو ته قيادت جي سطح تي گڏيل عزم اسان جي ٻطر??ن لاڳاپن جي موجوده دور جي گهرجن موجب نئين شڪل ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو ۽ اسان گڏجي ان کي پورو ڪنداسين.
آذربائيجان جي صدر الهام عليوف سان ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي فروغ تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج