اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي ??رڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان 2 کان 4 آگسٽ تائين پاڪستان جو پهريون ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. ايراني پرڏيهي وزير اڄ خميس ڏينهن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ڪندو. ملاقات دوران وسيع ايجنڊا ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن رخن ۽ ??ڀر??دڙ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ شامل آهي. ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو ۽ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي وچ ۾ لاڳاپن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ اتفاق راءِ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ايراني پرڏيهي وزير قومي اسيمبلي جي ??سپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين سان پڻ ملاقات ڪندو جن ۾ ٻنهي طرفن جا اڳواڻ ٻنهي ڀ??ئر ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني رابطن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا. ان کان اڳ اقتصادي ۽ واپار معاملن واري نائب پرڏيهي وزير، رستن ۽ شهري ترقي، سيڙپڪاري، زراعت، توانائي وغيره جي وزارتن جي ??ينيئر عملدارن تي ٻڌل اعليٰ سطحي وفد پرڏيهي وزير جي ??وري بابت تيارين جي لاءِ ملاقاتون ڪيون. ايراني پرڏيهي وزير عبداللهيان جو هي دورو ٻنهي ڌرين جي لاءِ ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن شعبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جو موقعو هوندو جنهن ۾ علائقائي رابطن، توانائي ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن تي خصو??ي ڌيان ڏنو ويندو.
اسلامي جمهوريه ايران جو پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان پاڪستان جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : لافانی رومانس