اسلام آباد – 25 – آگسٽ (اي پي پي) نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وز??راعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڪراچي جي ميئر وز??راعظم کي ڪراچي جي انتظامي معاملن بابت بريفنگ ڏني. وز??راعظم چيو ته ڪراچي پاڪستان جي صنعتي ۽ واپاري سرگرمين جو مرڪز آهي ۽ پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ڪراچي جي مسئلن جي پائيدار حل لاءِ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون ڪراچي جي بلديه عظميٰ سان ڀرپور تعاون ڪنديون. هن چيو ت?? بطور نگران وز??راعظم منهنجو پهريون س??ڪا??ي دورو ڪراچي جو هو ۽ ان دوري ۾ ڪراچي جي صنعتي ۽ واپاري برادري سان ملاقات ۽ انهن کي سهولت ڏيڻ جي لاءِ لاڳاپيل عملدارن کي هدايت جاري ڪرڻ منهنجي اولين ترجيح هئي.
پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ ڪراچي انتهائي اهميت رکندڙ آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری