نيوي??رڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ نيوي??رڪ پهچي ويو. جان ايف ڪينيڊي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪ??م، گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيوي??رڪ ۾ قونصلر جنرل عامر احمد اتوزئي ۽ ٻين عملدارن سندس استقبال ڪيو. نگران وزيرا??ظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78 هين اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ڪندو. اجلاس ۾ اٽڪل 150 عالمي اڳواڻ شرڪت ڪندا. نگران وزيرا??ظم 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندڙ پهريون پاڪستاني نگران وزيرا??ظم هوندو. 19 کان 26 سيپٽمبر تائين ٿيندڙ اسيمبلي جي اعليٰ سطحي اجلاس جي موقعي تي گڏيل قومن جي اڱڻ ۽ ان جي ڀرپاسي وڏي پئماني تي حفاظتي قدم کنيا ويا آهن. اميد آهي ته پنهنجي خطاب ۾ نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار سميت ڪيترن ئي علائقائي ۽ عوامي مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو. هو پنهنجي نگران انتظاميا پاران ملڪ جي معاشي بحالي کي مستحڪم ڪرڻ ۽ ملڪي ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن بابت پڻ تفصيل سان روشني وجهندو. ان کانسواءِ نگران وزيرا??ظم مختلف ملڪن جي هم منصبن، عالمي تنظيمن جي سربراهن، فلاحي تنظيمن ۽ ڪارپوريٽ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني اڳ ۾ ئي نيوي??رڪ پهچي چڪو آهي. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ پهريون نگران وزيرا??ظم هوندو. گذريل هفتي نيوي??رڪ ۾ هڪ نيوز بريفنگ ۾ پاڪستان جي سفير منير اڪ??م چيو ته نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز جي دوري دوران پائيدار ترقي جا هدف (ايس ڊي جيز) سربراهي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو. سفير منير اڪ??م چيو ته نگران وزيرا??ظم ايس ڊي جيز جي لاءِ فنانسنگ کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندو. پاڪستاني سفير وڌيڪ چيو ته نگران وزيرا??ظم ترقي جي لاءِ مالي مدد بابت هڪ ٻئي سربراهي اجلاس ۾ اهم خطاب پڻ ڪندو جتي هو ترقي جي لاءِ نجي شعبي جي ماليات کي متحرڪ ڪرڻ بابت ڳالهه ڪندو. ڀارتي وزيرا??ظم نريندر مودي هن سال جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سندس پاران ڀارت جو پرڏيهي وزير ايس جي شنڪر 26 سيپٽمبر تي اسيمبلي کي خطاب ڪندو.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيويارڪ پهچي ويو، 22 سيپٽمبر تي جنرل اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندو
مضمون کا ماخذ : گنہادورس دا میگا سینا