اسلام آباد – 11 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف صو??ائ?? حڪومتن کي بجلي چور?? جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ بجلي چورن کي سخت سزائون ڏيڻ، اوور بلنگ جي خاتمي ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي سهولت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته وڌندڙ گرم?? جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي. هن اها هدايت بجل?? جي لوڊشيڊنگ، بجلي چور?? جي روڪٿام ۽ توانائ?? جي شعبي ۾ سڌارن جي حوالي سان جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اجلاس ۾ اقتصادي معاملن واري وفاق?? وزير احد خان چيما، توانائي واري وفاق?? وزير سردار اويس لغاري، پيٽروليم واري وفاق?? وزير داڪٽر مصدق ملڪ، وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسن افضال ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪي سطح تي بجل?? جي طلب ۽ پهچ ۽ لوڊشيڊنگ جي رجحانن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته بجل?? جي عدم فراهمي بابت شڪايتن جي وقت سر داخلا جي لاءِ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي سهولت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪيو وڃي، وڌندڙ گرم?? جي ڏس ۾ ملڪ ۾ گهٽ ۾ گهٽ لوڊشيڊنگ ڪئي وڃي، نئين ٽرانسفارمرز جي خريداري صرف عالمي معيار جي خصوصيتن موجب ٿئي، توانائ?? جي شعبي ۾ سڌارن جي لاءِ عالمي سطح تي لاڳو جديد نظام مان فائدو کنيو وڃي، صو??ائ?? حڪومتون بجلي چور?? جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏين ۽ بجلي چورن کي قرار واقعي سزائون ڏنيون وڃن، اوور بلنگ جو خاتمو ڪيو وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? اوور بلنگ جي ڏس ۾ پهرين اپريل کان 30 مئي تائين 134 ڪيس داخل ۽ 90 م??از??ن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي نيشنل ٽرانسميشن اينڊ ڊسپيچ ڪمپن?? جي نئين سر تنظيم ساز?? جي عمل ۾ هيستائين جي اڳڀرائ?? جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? توانائ?? جي شعبي ۾ سڌارن جي سلسلي ۾ ايندڙ سال جي ترقياتي بجيٽ ۾ 124611 ٽرانسفارمرز جي ميٽرنگ جو منصوبو پڻ شامل ڪيو ويو آهي، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سان آئيسڪو جا هڪ ڀاڱي ٽي صارفين سمارٽ ميٽرز تي منتقل ڪيا پيا وڃن، بعد ۾ ان منصوبي جو دائرو ملڪ جي ٻين علائقن تائين وڌايو ويندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? بهتر ريڪوري وارا علائقا لوڊشيڊنگ فري جڏهن ته بجلي کاتن جي رهتن ۽ بجلي چور?? جي علائقن ۾ رڳو جزوي لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي بجلي چور?? جي خاتم?? جي مهم جي هيستائين جي اڳڀرائ?? جي حوالي سان پڻ آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? صو??ائ?? حڪومتن جي تعاون سان بجلي چور?? جي خاتمي واري مهم ڪاميابي سان جاري آهي، بجلي چور?? جي خاتمي واري مهم ۾ 9 سيپٽمبر 2023ع کان هيستائين 160004 ايف آءِ آر داخل، 97885 ماڻهو گرفتار ۽ 448 م??از?? معطل ڪيا ويا آهن.
وزيراعظم پاران صوبائي حڪومتن کي بجلي چوري جي خاتمي واري مهم ۾ ڀرپور ساٿ ڏيڻ ۽ بجلي چورن کي سخت سزائون ڏيڻ، اوور بلنگ جي خاتمي ۽ ورڇ ڪندڙ ڪمپنين ۾ صارفين جي سهولت لاءِ موثر ۽ متحرڪ نظام قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : estatisticas dupla sena