اسلام آباد – 12 – جولائي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ پرڏيهي وزارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي ج?? پهريون اجلاس ٿيو جنهن ۾ هن سال 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هي??ز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي اجلاس جي ضرورتن ۽ انتظامن جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب اسلام آباد ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هي??ز آف گورنمينٽ جي اجلاس جي ??يزباني کي بهتر انداز ۾ يقيني بڻائڻ جي ??اءِ وزيراعظم جي ??دايت تي اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي جي ??يمبرن ۾ اقتصادي معاملن، گهرو معامل، اطلاعات ۽ نشريات وارن وارن وفاقي وزيرن کانسواءِ پرڏيهي معاملن، ڪابينا ۽ گهرو معاملن جا سيڪريٽريز ۽ سي ڊي اي چيئرمين شامل آهن. ڪميٽي ضرورتن جي تعين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي ايس سي او جي ??شق، پاڪستان جي عالمي حيثيت، پاڪستان جي روايتي مهمان نوازي سان هم آهنگ موثر انتظام ڪرڻ جي ??دايت ڪئي. ڪميٽي جي ??يمبرن جاري تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير تيارين جي رفتار کي برقرار رکڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. 2017ع ۾ ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي او جي ??ختلف فارميٽس ۾ سرگرمي سان حصو وٺي رهيو آهي. پاڪستان ايس سي او ڪائونسل آف هي??ز آف گورنمينٽ (سي ايڇ جي) جي چيئر طور هن سال خزان ۾ ڪائونسل آف هي??ز آف گورنمينٽ جي 23 هين اجلاس جي ??يزباني ڪندو. ڪائونسل آف هي??ز آف گورنمينٽ ايس سي او جو ٻيو اعليٰ ترين فيصلاساز ادارو آهي، ا??و سماجي، ا??تصادي، ثقافتي ۽ ٻين انساني تعاون جي ??سئلن سان گڏوگڏ ايس سي او جي بجيٽ ۽ مالياتي معاملن بابت آهي.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اعليٰ سطحي ڪميٽي جو پهريون اجلاس
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria